حاجي اسماعيل پير ڍنڍ

حاجي اسماعيل پير ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ پاٽ ضلعي دادوءَ ۾ پراڻي بچاءُ بند ۽ نئين بچاءَ بند جي وچ تي آهي. جتي ناصراڻي ڳوٺ کان لڏي آيل چانڊيا ويٺل آهن. هن ڍوري جي اتر ۾ ترائيءَ جو ڳوٺ آهي، اتر اوڀر ۾ پياراڻي چانڊيا ويٺل آهن. پير حاجي اسماعيل ڍنڍ فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. هن ڍنڍ جو پاڻي ڇر ڇڄڻ سان درياهه ڏانهن موٽي ويندو آهي. باقي ڍنڍ ۾ تانگھو پاڻي بچندو آهي، تنهنڪري هن ڍنڍ ۾ ٿوري مڇي مري ٿي. حاجي اسماعيل ستين هجري صديءَ/تيرهين عيسوي صديءَ جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي نالي پٺيان هن ڍنڍ تي اهو نالو پيو. ان بزرگ جو مقبرو پراڻي پاٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو